ڪراچي ۾ ڪڪڙ جو گوشت مهانگو، عوام ۽ دڪاندار ٻئي پريشان

ڪراچي: ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿيڻ سبب شهري پريشان ۽ دڪاندار به نقصان پيا کڻن جڏهن ته گوشت وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ماڻهن ڪڪڙ جو گوشت خريدڻ ئي گهٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ ڪمشنر جي لسٽ ۾ جيئري ڪڪڙ جو اگهه 214 رپيا لکيل آهي جڏهن ته دڪانن تي جيئرو ڪڪڙ 360 کان 380 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي.
ڪجهه علائقن ۾ ڪڪڙ جو گوشت به 500 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، شهرين حڪومت کان اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔