پناهه گيرن جي ٻيڙي تباهه ٿيڻ سبب 140 ڄڻا ٻڏي فوت

سينيگال: سينيگال ۾ پناهه گيرن جي ٻيٽي تباهه ٿيڻ سبب 140 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت ايجنسي واقعي کي هلندڙ سال هن وقت تائين ٻيڙين يا ننڍن سامونڊي جهاز جي تباهه ٿيڻ ڪري ٻڏي فوت ٿيلن مان سڀ کان خطرناڪ واقعو قرار ڏنو آهي جنهن ۾ 140 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب تباهه ٿيل ٻيڙي ۾ 200 ڄڻا سوار هئا جنهن مان 59 ڄڻن کي سينيگال ۽ اسپين جي بحريا سميت ويجهي موجود مهاڻڻ ريسڪيو ڪري ورتو جڏهن ته ٻڏي فوت ٿيلن مان 20 ڄڻن جا لاش به ڪڍيا ويا آهن.
گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت اداري موجب ٻيڙي ڏکڻ سينيگال جي سمنڊ کان اسپين جي ڪينري آئس لينڊ لاءِ رواني ٿي هئي جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪن اندر باهه لڳي وئي .
گڏيل قومن جي اداري حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل هفتي به انهيءَ ساحل ۾ ٻيڙي تباهه ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔