اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ برساتن سبب اڳ ئي شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، موجوده حالتن ۾ برسات جي تباهي ۽ نقصانن سبب پريشان عوام تي واڌو بار نٿو وجهي سگهجي.
واضح رهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان سمري موڪليندي پيٽرول جي اگھه ۾ 7 ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا في ليٽر تائين واڌ جي سفارش ڪئي هئي.