براؤزنگ صحت
صحت
ساوڪ سان ويجهڙائي ڪورونا جي ذهن تي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار
فطرت جي ويجهو رهڻ جيڪڏهن صحت جي لاءِ ڪيترن ئي فائدن جو سبب آهي پر تازي تحقيق وارن نتيجن موجب عالمي وبا دوران باقاعدگي سان فطرت جي ويجهو رهڻ ذهني صحت تي پوندڙ منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي.جرنل ايڪولوجيڪل ايپليڪيشن ۾ شايع ڪيل تحقيق!-->…
ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ چاليهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا
اسلام آباد: ملڪ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به 3 هزار کان مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ان وبا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 43 هزار 963 تائين پهچي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب!-->!-->!-->…
سعودي عرب پاران شهرين کي ڪورونا ويڪسين مفت ڏيڻ جو اعلان
رياض: سعودي جي صحت وزارت عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ 70 سيڪڙو شهرين کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عرب نيوز موجب سعودي عملدارن کي اميد آهي ته حفاظتي دوا جي فراهمي ايندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندي. ان حوالي!-->…
ملڪ ۾ ڪورونا سان متاثر طبي عملي جو انگ 10 هزارن کان وڌي ويو
اسلام آباد: ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ طبي عملي جو انگ 10 هزارن کان وڌي ويو. صحت واري وزارت موجب پاڪستان ۾ مجموعي طور 10 هزار 113 هيلٿ ورڪر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن. اختيارين ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊيڪل!-->…
پاڪستان ۾ ڪورونا وڌيڪ 48 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 3 هزار نوان ڪيس ظاهر
اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر وڌيڪ 48 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 2 هزار 954 مريضن ۾ ان جي سڃاڻپ ٿي آهي.
اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 39 هزار 165 نوان ٽيسٽ ڪيا!-->!-->!-->…
سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ تيرنهن شاگردياڻين ۾ ڪورونا جي تصديق، هاسٽل سيل
ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گرلز هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن بعد ماروي هاسٽل ۾!-->…
پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي دوا جو ڪامياب ٽرائل
ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪورونا جي علاج جي دوا جي تياري جي دوا اهم مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورنا ۾ سر بچائيندڙ دوا ”سي آءِ وي آءِ جي“ جو ڪامياب ڪلينيڪل ٽرائل جاري آهي.!-->…
ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا ۽ موسمي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ
ڪراچي: شهر ۾ ڊينگي، موسمي بخار ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي. سينيئر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز ڊاڪٽر سلميٰ ڪوثر جو چوڻ آهي ته ڊينگي، فلو، مليريا ۽ ڊينگي جي هاءِ سيزن آهي، ڪورونا، ڊينگي، مليريا ۽ موسمي بخار ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ نهايت ضروري آهي جڏهن ته!-->…
ڪورونا وائرس کي سيڪنڊن ۾ تباهه ڪندڙ مائوٿ واش
لنڊن: برطانوي سائنسدانن چيو آهي ته هنن جي ملڪ ۾ ٺهندڙ هڪ مائوٿ واش ”ڊينٽائل“ جو ڦودني (منٽ) ۽ لونگ جي وزيزن سان بازار ۾ موجود آهي ۽ ڏاڍو موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس کي ختم ڪري سگهي ٿو. ڪارڊف يونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته ڊينٽائل ۾ هڪ اهم!-->…
ڪورونا سبب سنڌ پوليس جا 3514 اهلڪار متاثر، شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو
ڪراچي: سنڌ پوليس چيو آهي ته فرضن جي ادائيگي دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ پوليس جا 3 هزار 514 آفيسر ۽ اهلڪار متاثر ۽ 20 شهيد ٿي ويا جڏهن ته 38 هن وقت تائين علاج هيٺ آهن. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيڻ سبب علاج هيٺ!-->…