جوبائيڊن ڪورونا ويڪسين جي ٻئين خوراڪ به وٺي ڇڏي

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن عالمي وبا ڪورونا وائرس ويڪسين جي ٻئين خوراڪ به وٺي ڇڏي آهي.آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو اڃان تائين رڪجي نه سگهيو آهي ۽ وائرس سبب اڄ وڌيڪ 2 هزار جي ويجهو فوتگيون ٿيون آهن جنهن کان پوءِ ٽوٽل فوتگيون 3 لک 85 هزار کان وڌي ويون آهن.ٻئي طرف برطانيه ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 529 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ لنڊن جي اسپتال ڪورونا وائرس جي مريضن سان ڀرجڻ لڳيون آهن. برطانيه ۾ مرض جي نشانين کان سواءِ به ڪورونا ٽيسٽ جي اجازت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔