سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ جَي چيف ۽ گهرو سيڪريٽريز کي 20 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊينيل پرل قتل ڪيس ۾ سنڌ جَي چيف ۽ گهرو سيڪريٽريز کي 20 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جِي ٻڌڻي دوران سينٽرل جيل جو سپرنٽينڊنٽ ۽ گهرو معاملن بابت اسپيشل سيڪريٽري پيش ٿيا، عدالت چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري جِي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي آفيسرز جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيون ٿا، ڇا ٻنهي آفيسرز کي پتو ناهي ته اُنهن خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي، فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته آفيسرز رستي ۾ آهن، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري دير سان اُٿندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔