احتساب عدالت خواجه آصف کي ڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت خواجه آصف کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت ليگي اڳواڻ کي 22 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب احتساب عدالت جي ايڊمن جج جوادالحسن خواجه آصف جي جسماني رمانڊ تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

خواجه آصف جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته خواجه آصف نيب راولپنڊي کي باقاعده سمورن سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهي.

ڪاروبار ڪرڻ قانوني طور تي هر ماڻهو جو حق آهي، قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو. نيب طرفان سياسي ڪيس ٺاهيو ويو آهي.

عدالت کي استدعا آهي ته جوڊيشل رمانڊ تي خواجه آصف کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔