جهنگ جي ٻلي پاران دنيا جي سڀني کان وڏي نانگ کي کائڻ جي ڪوشش

واشنگٽن: دنيا ۾ جسم ۽ طاقت کان وڌيڪ اهم هڪ ٻئي شيءَ آهي ۽ اها آهي ڀروسو ۽ اعتماد هي ئي اهي ٻه شيون آهن جيڪي هن دنيا ۾ انسانن سميت جانورن کي به وڏي کان وڏي مشڪل مان ڪڍڻ جو حوصلو ڏينديون آهن.هن ڀروسي جو هڪ ننڍو لمحو هن تصوير ۾ آهي جنهن ۾ آمريڪا ۾ ملندڙ دنيا جي سڀني کان وڏي نانگ(ايناڪوندا) ۽ جيڪوار(ڪاري رنگ جي هڪ وڏي جهنگلي ٻلي) جي وچ ۾ ٿيندڙ ويڙهه ڪيمري ۾ قيد آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل وڊيو ۾ بليڪ پينتهر نالي مشهور وڏي جهنگلي ٻلي 130 ڪلو وزن رکندڙ اينا ڪونڊا کي پاڻي کان ٻاهر گهلڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.اينا ڪونڊا جو ڳرو وزن کيس زمين تي سست ڪري ڇڏيندو آهي اهوئي سبب آهي ته اينا ڪونڊا زمين جي بجاءِ آبي ذخيرن ۾ رهندو آهي. جيڪڏهن هن ويڙهه دوران اينا ڪونڊا به ٻلي کي پاڻي ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر حوصلي سبب وڏي ٻلي جسم ۽ ڳري وزن جي اينا ڪونڊا کي پاڻي کان ٻاهر زمين تائين آڻڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔