مائيڪرو فون ۽ ايئربڊز وارو دنيا جو پهريون ماسڪ پيش

لنڊن: ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ماسڪ ئي هڪ واحد شيءَ آهي ۽ هاڻ هي اسان جي زندگين جو هڪ لازمي حصو بڻجي چڪو آهي.ڪيترين ئي ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان هڪ عام ماسڪ ۾ جدت آندي وئي آهي. پر هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اهڙو ماسڪ پيش ڪيو ويو جنهن جي مدد سان اوهان موبائل فون ٻاهر ڪڍڻ کان سواءِ ئي فون تي ڳالهائي سگهو ٿا.تازو ئي ٽيڪنالوجي جي سڀني کان وڏي ميلي ڪنزيومر اليڪٽرانڪ شو(سي اي ايس) 2021 ۾ بيناٽون نالي ڪمپني طرفان مائيڪرو فون ۽ ايئربڊز وارو دنيا جو پهريون ماسڪ پيش ڪيو ويو آهي. جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هن ماسڪ جو نالو ماسڪ فون آهي جنهن کي آساني سان ڌوئي به سگهجي ٿو ۽ ان ۾ اين 95 جا فلٽرز به لڳل آهن جڏهن ته ان ۾ وائرليس بيڊ سيٽ به موجود آهن.ڪمپني جي دعويٰ آهي ته هن ماسڪ جي مدد سان اوهان ٻاهر هلندي ڦرندي يا ڪم تي هاڻ فون تي به ڳالهيون ڪري سگهون ٿا ۽ هي فرنٽ لائن ورڪرن جي لاءِ ڪافي مددگار سمجهيو ويندو آهي. هن ماسڪ فون جي ايئرلوپس ۾ وائرنگ ڪئي وئي آهي جنهن کي هلڪي برسات ۾ به پائي سگهجي ٿو. صارفين کي هي ماسڪ جيڪڏهن ڌوئڻو هجي ته ان کي ان ۾ پهريان ايئربڊز کي ڪڍڻو پوندو ان کان پوءِ هي آرام سان ڌوئي سگهجي ٿو.هن ماسڪ ۾ لڳل بيٽري جي لائف 12 ڪلاڪ آهي ۽ ان جي قيمت 50 ڊالر آهي جڏهن ته هي ٻن سائزن(اسمال ميڊيم) ۽(ميڊيم لارج) ۾ ملي سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔