پاڪستان ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين جي اجازت ڏني وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ پهرين ڪورونا ويڪسين جي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي.ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان(ڊريپ) برطانيه جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي(ايسٽرازينيڪا) جي ڪورونا ويڪسين جي هنگامي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته پاڪستان اڳ ئي چين جي سينوفارم ويڪسين جون 10 لک کان وڌيڪ خوراڪون بڪنگ ڪرايون آهن پر هن ويڪسين جي ڊريپ مان منظوري اڃان رهيل آهي.ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته پاڪستان ۾ اختيارين موجب برطانوي ويڪسين اسٽرازينيڪا جي ايمرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔