جرمني جي حڪومت پاڪستان کي پوليو جي خاتمي لاءِ وڌيڪ پنج ملين يورو ڏيندي

اسلام آباد: جرمني جي حڪومت پاڪستان کي پوليو جي خاتمي لاءِ وڌيڪ 5 ملين يورو ڏيندي.پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ڊاڪٽر پليتا مابيپالا پوليو جي خاتمي لاءِ فنڊز جي فراهمي تي جرمن حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو آهي. فنڊز نه صرف پاڪستان ۾ شروع ٿيندڙ پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ استعمال ٿيندا. پر سرحدن تي واقع 123 ٽرائزٽ پوائنٽ تي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ ۾ به استعمال ٿيندو.ان ٽرانزٽ پوائنٽس تي سال 2019ع ۽ 2020 جي پهرين ڇهن مهينن دوران 26.1 ملين ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. ڊاڪٽر پلينا چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.هن سال ڪورونا وبا سبب اسان کي مختلف چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پر اسان سڀ ملي هن چيلنج جو مقابلو ڪيو. جرمن حڪومت سان ملندڙ فنڊز سبب وڏي حد تائين پوليو مهم ۾ بهتري ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔