براؤزنگ پاڪستان
پاڪستان
پاڪستان کي سعودي عرب کان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا، اسٽيٽ بينڪ تصديق ڪري ڇڏي
ڪراچي: پاڪستان کي سعودي عرب طرفان وڌيڪ هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي ٻئي قسط هڪ ارب ڊالر پاڪستان ملي ويا آهن. انهي کان اڳ 2 ارب ڊالرن جي پهرين قسط 15 اپريل تي ملي…
سموري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 820 ميگاواٽ تائين پهچي ويو
اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي جڏهن ته بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 820 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.
ملندڙ ڄاڻ موجب سموري ملڪ ۾ بجلي جي گڏيل طلب 22 هزار ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جي پيداوار 17 هزار 180 ميگاواٽ…
پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندو، وزيراعظم جون ايراني صدر سان ڳالهيون
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ هن سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جي دورن کان آگاهه ڪيو ۽ ارادو ورجايو ته پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن جي تعاون سان خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون…
پاور سيڪٽر ملازمن جا مفت يونٽ ختم، اويس لغاري جو اعلان
لاهور : ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت پاور سيڪٽر جي آفيسرن کي ڏنل مفت يونٽ ختم ڪرڻ جو هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي. پاور ڊويزن جي وفاقي وزير اويس لغاري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مفت…
وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ايران آمريڪا ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ
رياض: وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات جده جي قصر اسلام ۾ ٿي، وزيراعظم شهباز شريف…
اسحاق ڊار کي يو اين سيڪريٽري جنرل جو ٽيليفون، ايران آمريڪا ڳالهين تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف
اسلام آباد: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ٽيليفون ڪري اسلام آباد ۾ آمريڪا ايران ڳالهيون منعقد ٿيڻ تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسحاق ڊار سان ٽيليفون جي…
سموري ملڪ ۾ 8 کان 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، شهري اذيت ۾ مبتلا
اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ 8 کان 16 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهرين کي سخت گرمي ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي گڏيل…
او آءِ سي اجلاس: پاڪستان طرفان لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت، فوري جنگبندي جو مطالبو
نيويارڪ: گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران پاڪستان لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوري جنگبندي ۽ متاثر آبادي تائين انساني امداد جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.
اجلاس کي خطاب…
ڪراچي: رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي، فتنته الخوارج جو انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار
ڪراچي: پاڪستان رينجرز(سنڌ) ۽ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا مان فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد نور عالم عرف وفادار ولد ماروت خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
گرفتار ٿيل…
پاڪستان امن ڳالهين جو مرڪز،اسلام آباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي اهم ويهڪ
اسلام آباد: آمريڪا ۽ ايران جي جنگ بندي کان پوءِ، پاڪستان دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پاڪستان جي ميزباني هيٺ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون اڄ ۽ سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿينديون.ذريعن موجب، وفد جي سطح تي ڳالهيون اڄ ٿينديون ۽ مکيه اسٽيج…