اسحاق ڊار کي يو اين سيڪريٽري جنرل جو ٽيليفون، ايران آمريڪا ڳالهين تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف

اسلام آباد:  گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ٽيليفون ڪري اسلام آباد ۾ آمريڪا ايران ڳالهيون منعقد ٿيڻ تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسحاق ڊار سان ٽيليفون جي ذريعي رابطو ڪيو ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن آمريڪا ۽ ايران جنگبندي لاءِ اسلام آباد ۾ ڳالهيون منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اهو به چيو ته وچ اوڀر جي بحران جو ڪوبه فوجي حل نه آهي. سنجيده ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ گهرجي، عالمي بحري آمد رفت جي حقن ۽ آزادين جو احترام هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به خطي ۾ امن، استحڪام جي لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔