گلگت بلتستان اسيمبلي جي عام چونڊن جو شيڊول جاري، پولنگ 7 جون تي ٿيندي

پشاور:  گلگت بلتستان اسيمبلي جي عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي عام چونڊن جي شيڊول تحت اميدوار نامزدگي ڪاغذ 16 اپريل کان 20 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهندا جڏهن ته اميدوارن جي نالن جي فهرست 21 اپريل تائين جاري ڪئي ويندي.

نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 21 اپريل کان 26 اپريل تائين جاري رهندي. انهي کان علاوه ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيل داخل ڪرڻ جي لاءِ 2 مئي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ايپليٽ ٽربيونلز 9 مئي تي اپيلن جو فيصلو ڪندي.

اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 10 مئي تي جاري ڪئي ويندي، اميدوارن کي چونڊ نشان 12 مئي تي الاٽ ڪيا ويندا جڏهن ته گلگت بلتستان جي سمورن حلقن ۾ پولنگ 7 جون تي ٿيندي.

 

تبصرے بند ہیں۔