وزيراعظم جي سعودي ولي عهد سان ملاقات، وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ايران آمريڪا ڳالهين بابت خيالن جي ڏي وٺ

رياض:  وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات جده جي قصر اسلام ۾ ٿي، وزيراعظم شهباز شريف جي پهچڻ تي شهزادي محمد بن سلمان انهي جو پرجوش استقبال ڪيو.

وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد ملاقات جي دوران ايران آمريڪا ڳالهين بابت ڳالهيون ڪيون، خطي ۾ امن، استحڪام جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به موجود هو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اهم سرڪاري دوري تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ گذريل ڏينهن سعودي عرب پهتو هو.

وزيراعظم آفيس موجب جده پهچڻ تي شهزادي سعود بن مشعال بن عبدالعزيز، مڪي شريف جي گورنر، سعودي عرب جي پاڪسان ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو ايئرپورٽ تي پرجوش استقبال ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔