پاڪستان امن ڳالهين جو مرڪز،اسلام آباد ۾ اڄ ۽ سڀاڻي اهم ويهڪ

اسلام آباد: آمريڪا ۽ ايران جي جنگ بندي کان پوءِ، پاڪستان دنيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پاڪستان جي ميزباني هيٺ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون اڄ ۽ سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿينديون.ذريعن موجب، وفد جي سطح تي ڳالهيون اڄ ٿينديون ۽ مکيه اسٽيج ڇنڇر تي ٿيندو. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، آمريڪي مذاڪرات ڪندڙ اسٽيو وٽڪوف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيريڊ ڪشنر پاڪستان ايندا.ايران جي نمائندگي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر باقر قاليباف ڪندا.وزيراعظم شهباز شريف ڳالهين جي جڳهه جو دورو ڪيو جتي هن سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

تبصرے بند ہیں۔