ڪراچي: رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي، فتنته الخوارج جو انتهائي گهربل دهشتگرد گرفتار

ڪراچي:  پاڪستان رينجرز(سنڌ) ۽ سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا مان فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد نور عالم عرف وفادار ولد ماروت خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ٿيل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، ايمونيشن ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب گرفتار دهشتگرد 2014 ۾ فتنته الخوارج جي مفتي نور ولي جي گروپ ۾ شامل ٿيو. ٽريننگ کان پوءِ دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن تي حملو ڪرڻ ۾ ملوث آهي.

گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته 2021 ۾ پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ ليويز چيڪ پوسٽ مڪين تي حملو ڪيو هو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد جا 2 ساٿي مارجي ويا جڏهن ته دهشتگرد ۽ انهي جي ٻين ساٿين ليويز جي 6 جوانن کي اغوا ڪري ورتو هو.

گرفتار دهشتگرد پنهنجي ٻين ساٿين خان محمد عرف خورائي ۽ نقيب الله عرف معاويه سان گڏ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي روٽ تي ڪيترين ئي آءِ اي ڊيز لڳائڻ ۽ ڌماڪو ڪرڻ ۾ به ملوث آهي.

ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريش جي دوران دهشتگرد پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ افغانستان ۾ روپوش ٿيو جنهن کان پوءِ فتنته الخوارج جي ڪمانڊر بلال عرف طوفان جي هدايت تي دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين جي لاءِ افغانستان کان ڏکڻ وزيرستان تشڪيل اماڻڻ ۾ به ملوث آهي.

گرفتار دهشتگرد ڏکڻ وزيرستان جو رهواسي آهي جيڪو  گذريل ڪجهه وقت کان ڪراچي ۾ روپوش هو، گرفتار دهشتگرد افغانستان مان پنهنجي ٻين ساٿين جي هدايت تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ پنهنجو گروپ منظم ڪري رهيو هو. رينجرز جي ترجمان موجب گرفتار دهشتگرد جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. گرفتار دهشتگرد کان هٿ آيل پابندي مڙهيل هٿيار، ايمونيشن ۽ بارودي مواد وڌيڪ قانوني ڪارروائي جي لاءِ سي ٽي ڊي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔