تل ابيب: تل ابيب ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏي پيماني تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
مظاهرين حڪومت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي فوري طور تي سموريون جنگي ڪارروائيون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج جي دوران شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا جنهن تي”جنگ روڪيو“ ۽”نسل ڪشي بند ڪريو“ جهڙا نعرا لکيل هئا.
مظاهرين جو چوڻ هو ته مسلسل جنگي صورتحال نه صرف خطي پر خود اسرائيل جي عوام کي به پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي انهي لاءِ هاڻ امن جي طرف وڌڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
ٻئي طرف اڳوڻي اسرائيلي نائب چيف آف اسٽاف يائير گولان به حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو هن چيو ته وزيراعظم نيتن ياهو هن وقت سخت دٻاءُ ۾ آهي هو پاڻ به ڄاڻي ٿو ته جنگ جا مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته حقيقي فاتح کي هر ڀيري پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي آهي.
يائير گولان وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي پاليسين ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته نيتن ياهو ۽ انهي جي حڪومت کي اقتدار کان ڌار ڪيو وڃي. سياسي تجزيه ڪارن موجب اهو احتجاج اسرائيل جي اندر وڌندڙ عوامي بيچيني جي عڪاسي ڪري ٿو، ايندڙ ڏينهن ۾ حڪومت جي لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
تبصرے بند ہیں۔