واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جاري اهم سفارتي عمل تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين جي نتيجن سان مون تي ڪو به خاص فرق نه پوندو.
صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران سان ڊيل ٿي به سگهي ٿي ۽ نه به ٿي سگهي ٿي پر ٻنهي صورتن ۾ آمريڪا پنهنجي موقف تي قائم رهندو. هن چيو ته اسان اهو ڏسي رهيا آهيون ته اڳيان ڇا ٿيندو. ڪاميابي يا ناڪامي منهنجي لاءِ اهم نه آهي.
آمريڪي صدر وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا اڳ ئي ايران جي خلاف برتري حاصل ڪري چڪو آهي، ايراني قيادت کي ختم ڪيو ويو آهي انهي جي نيوي، فضائي ۽ دفاعي نظام کي ختم ڪيو ويو آهي انهي تڪرار ۾ ڪاميابي اسان جي حصي ۾ اچي چڪي آهي.
آمريڪي صدر حساس بحري گذر گاهه آبنائي هرمز جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي انڪشاف ڪيو ته اتي بارودي سرنگن جي موجودگي جو امڪان آهي پر آمريڪي فورسز جديد مشينري ذريعي انهي جي صفائي ۾ مصروف آهي. هن ايران کي چين طرفان هٿيار فراهم ڪرڻ جي اطلاع تي چيو ته جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح ٿي ته انهي جا نتيجا چين جي لاءِ انتهائي سنگين هوندا.
تبصرے بند ہیں۔