اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽيڊ(پي ٽي سي ايل) هڪ اهم سب ميرين ڪيبل جي مرمت لاءِ شيڊولڊ مينٽيننس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي سي ايل طرفان ڪيل اعلان موجب سب ميرين ڪيبل جي مرمت جو ڪم 14 اپريل کان شروع ٿيندو جيڪو 20 اپريل تائين جاري رهندو. پي ٽي سي ايل جو چوڻ آهي ته مرمت جي دوران شام جي وقت ۾ انٽرنيٽ جي سروس متاثر ٿي سگهي ٿي. عالمي ڪيبل ڪنسورشيم جي مدد سان پي ٽي سي ايل سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي جي مرمت ڪندو. شيئر
تبصرے بند ہیں۔