تهران:ۡ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي دوران ايران جي پاسداران انقلاب جي قدس فورس جي ڪمانڊر اسماعيل قآني آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت پيغام ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ مزاحمتي پهريان کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي، دشمن کي خالي هٿ واپس وڃڻو پوندو.
ميڊيا رپورٽن موجب بريگڊيئر جنرل اسماعيل قآني پنهنجي بيان ۾ چيو ته مزاحمتي طاقتون پوري خطي ۾ فعال ۽ منظم آهن ڪنهن به امڪاني جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي ته اهي يمن، باب المندب ۽ بحيره احمر جهڙن علائقن ۾ گهربل ڪاميابيون حاصل نه ڪري سگهيا.
هن وڌيڪ چيو ته هن ڀيري به دشمن کي ڪنهن به قسم جي ڪاميابي حاصل نه ٿيندي، خطي ۾ موجود مزاحمتي طاقتون انهن جي ارادن کي ناڪام بنائيندينديون. ٻئي طرف تازي اڳڀرائي ۾ آمريڪي فوج طرفان ايراني بندرگاهن جي چوڌاري ناڪه بندي شروع ڪرڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن جڏهن ته آمريڪي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن جهازن کي روڪڻ يا قبضي ۾ وٺي سگهجي ٿو. تجزيه ڪارن موجب اهڙي صورتحال سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي جڏهن ته عالمي سطح تي انهي جا اثر پئجي سگهن ٿا.
تبصرے بند ہیں۔