نيويارڪ: گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران پاڪستان لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوري جنگبندي ۽ متاثر آبادي تائين انساني امداد جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.
اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي نائب مستقل سفير عثمان جدون چيو ته لبنان ۾ انساني صورتحال تيزي سان خراب ٿي رهي آهي،بحران خطرناڪ حد تائين شدت اختيار ڪري چڪو آهي. نائب سفير موجب اسرائيلي بمباري خاص طور تي ڏکڻ لبنان ۽ ڏوراهين علائقن ۾ شهري آبادي ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهچائي رهي آهي.
پاڪستان لبنان جي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ وحدت جي مڪمل حمايت جو ارادو ڪندي اسرائيلي ڪارروائين کي عالمي قانون جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. اجلاس ۾ انهي موقف کي به ورجايو ويو ته شهري بنيادي ڍانچي تي حملا ۽ انساني قانون جون ڀڃڪڙيون فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن.
پاڪستان لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن تي حملن جي به سخت مذمت ڪندي چيو ته اهڙا قدم عالمي امن، استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن. اجلاس ۾ پاڪستان لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيل قدمن جي آجيان ڪئي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اهي فوري طور تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري، انساني امداد جي فراهمي يقيني بنائڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري.
تبصرے بند ہیں۔