براؤزنگ تازہ ترین

تازہ ترین

پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ ايئرفورس جي ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، حملو ڪندڙ 9 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن اڄ صبح جو سوير ميانوالي تربيتي ايئربيس تي حملو ڪيو، پاڪ فوج جي جوانن منهن ٽوڙ جواب ڏيندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو،

سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبن کي به چونڊن لاءِ انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي

ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڌماڪو، پنج ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

ڊيرا اسماعيل خان: ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو زوردار ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.جڏهن ته زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن.ذريعن موجب ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي موٽرسائيڪلز کي به نقصان

عام چونڊون 11 فيبروري تي ٿينديون:اليڪشن ڪميشن جو اعلان

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن  اعلان ڪندي چيو آهي ته عام چونڊون 11  فيبروري تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ 11 فيبروري ڏئي ڇڏي آهي سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته چونڊون 11فيبروري تي ڪرايون وينديون

پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري سميت 19 جوابدار ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ 19 جوابدارن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي آصف زرداري پاران سندس وڪيل ارشد تبريز عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل چيو ته معاهدي کان اڳ آصف زرداري پارڪ لين ۾ ڊائريڪٽر

اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا فيض آباد ڌرڻي جو اصل ماسٽر مائينڊ ڪير هو: چيف جسٽس

اسلام آباد: فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ڌرڻي جو اصل ماسٽر مائينڊ ڪير هو؟ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. جسٽس امين

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي افغانين سميت ڪيترائي پرڏيهي گرفتار ڪيا ويا، غير قانوني پرڏيهين کي واپسيءَ لاءِ ڏنل مهلت ختم ٿيڻ بعد ڪريڪ ڊائون جي ڪراچي کان شروعات ڪئي وئي آهي ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ

دنيا فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي: نگران وزيراعظم

اسلام آباد:  نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه تي اسرائيل جي عام شهرين کي نشانو بنائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي جباليه

پرڏيهين کي واپسي لاءِ ڏنل مهلت ختم: ڪيمپن تي نفري مقرر، ملڪ گير آپريشن شروع

ڪراچي:ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت پرڏيهين کي ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي. جنهن کان پوءِ پوءِ هولڊنگ ڪيمپن تي پوليس مقرر ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ لڏ پلاڻ جي لاءِ ملڪ گير آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڪراچي جي انتظاميه

ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي: نگران حڪومت

اسلام آباد: توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته ملڪ جو نقصان ختم ڪرڻ لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ ضروري هئي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد علي چيو ته پاڪستان ۾ گئس جو اگهه حڪومت ڏيندي آهي، اوگرا کي هن سال 697 بلين رپيا گهرجن ته