اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته سمورن بينڪن کي گذارش آهي ته ديواليو ٿيل ادارن جي بحالي کي اوليت ڏين، عدالت وڃڻ کان اڳ ادارن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته بئنڪن کي ڪجهه حوصلو رکڻ گهرجي، حڪومت ڪاروبار نه ڪندي، پرائيويٽ سيڪٽر ڪندو، حڪومت خانگي شعبي کي اڳتي آڻڻ چاهي ٿي.هن چيو ته پاڪستان خسارن تي ضابطو آندو آهي، ملڪ ۾ مارڪيٽ بيس ايڪسچينج ريٽ موجود آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا اڍائي مهينن جي درآمدن لاءِ ڪافي آهن.ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ مشڪلاتن ۾ ويندا آهن پوءِ ٻاهر نڪرندا آهن، هو معاشي ترقي ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن، ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي.محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت خانگي شعبي کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، حڪومت مشاورت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. ناڻي واري وزارت خانگي شعبي کي مشورو ڏيڻ تي مجبور نه ڪندي، اميد آهي ته ڪانفرنس مستقبل جي لائحه عمل لاءِ اهم تجويزون پيش ڪندي.ان کان علاوه چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن عاڪف سعيد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ بينڪن جي حوالي سان جامع قانون ٺاهيا ويا آهن.هن چيو ته پاڪستان کي به قانون ۾ جدت آڻڻي آهي.