ملڪ جي ناليوارن ميڊيا جي ادارن سان لاڳاپيل صحافين پاران جامعه الرشيد ۽ الغزالي يونيورسٽي جو دورو ڪيو. تعليمي رپورٽرز تي ٻڌل صحافين جي هن وفد جامعه الرشيد ۽ الغزالي يونيورسٽي جي مختلف شعبن کي ڏٺو .
وفد جي آمد تي سرپرست اعليٰ جامعه الرشيد ۽ چانسلر الغزالي يونيورسٽي مفتي عبدالرحيم انهن جي آجيان ڪئي . ان کان پوءِ صحافين کي دارلافتا جامعه الرشيد، مجمع العلوم الاسلاميا جي مرڪزي آفيس، جي ٽي آر ميڊيا هائوس، فقه المعلاملات الاسلاميه جي شعبي ، ڪليه الشريعه ، فقه الحلال، المنائي ايسوسي ايشن سميت جامعه الرشيد جي مختلف شعبن جو اسٽڊي ٽوور ڪرايو ويو. ان دوران اظهر شاهه بريف ڪندو رهيو.
وفد کي جامعه الرشيد جي تعليم واري نظام جي تعارف تي ٻڌل وڊيو ڊاڪيومينٽريز پڻ ڏيکاريون ويون. ان کان پوءِ سرپرست اعليٰ جامعه الرشيد ۽ الغزالي يونيورسٽي جي چانسلر مفتي عبدالرحيم صاحب وفد سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي رياست جن خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي ، انهن جو حل ديني ۽ عصري تعليم جو گڏيل ميلاپ آهي . اسلام ۾ دين ۽ دنيا جو فرق ناهي . جامعه الرشيد ديني ۽ عصري تعليم ۾ موجود خال کي ڀريو آهي، ديني تعليم سان گڏ 30 سيڪڙو وقت عصري تعليم کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته عصري تعليم سان گڏ 30 سيڪڙو ديني تعليم کي به شامل ڪيو آهي ته جيئن ٻنهين تعليمات ۾ موجود خامين کي گهٽ ڪري سگهجي. جيستائين اسان جو تعليمي نظام درست نه ٿيندو تيستائين ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجن جو حل نه ٿو نڪري سگهي . پهريون ڀيرو مدرسن کي وزارت تعليم جي ماتحت ڪيو ويو آهي ، جنهن جي ڪري مدرسن کي رجسٽريشن ۾ آساني سميت ڪيترائي فائدا حاصل ٿيا آهن . هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 18 هزار کان وڌيڪ مدرسا تعليم واري وزارت تحت رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جن ۾ 22 لک 86 هزار شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. ان کان سواءِ تعليم واري وزارت پاران هڪ لک کان وڌيڪ شاگردن کي عصري تعليم جا ڪتاب به ڏنا ويا آهن.
غير ملڪي شاگردن لاءِ ديني تعليم جي ويزا جو حصول به سولو ٿي چڪو آهي ، هن وقت تائين 16 سئو کان وڌيڪ غير ملڪي شاگرد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن . مدرسن جي شاگردن کي پيشيور مهارتون ۽ اسڪلز سيکارڻ لاءِ ڪورسز به شروع ڪيا ويا آهن ۽ تعليم واري وزارت پاران هن وقت تائين 2503 شاگرد يوٿ اسڪلز ٽريننگ به حاصل ڪري چڪا آهن . انهن اسڪلز کي سکي عملي طور تي شروع ڪرڻ لاءِ شاگردن کي ساڍي ست ڪروڙ رپيا به ڏنا ويا آهن .ان ڪري موجوده نظام کي ختم ڪري 18 هزار مدرسن کي احتجاج ۽ رستن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي .
هن چيو ته جامعه الرشيد پنهنجي نصاب ۾ اڻ ڳڻيا سڌارا ڪيا آهن . درس نظامي سان گڏ چار عالمي ٻوليون به سيکاريون وڃن ٿيون . عربي ، انگريزي ، ترڪش ۽ چائينيز . شآگردن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ڪورسز به ڪرايا ويندا آهن . هن ٻڌايو ته الغزالي يونيورسٽي جي نظام تعليم جو بنياد تربيت تي قائم آهي. تربيت جو دائرو هنن 10 موضوعن تي آهي : وطن سان محبت-ملڪ جي نقصان کي ذاتي نقصان سمجهڻ ،اجتماعيت کي برقرار رکڻ ۽ سياسي ، مذهبي اختلافن کي محدود ڪرڻ ، قومي سطح تي نظم ۽ ضبط ۽ ڊسيپلين جو اهتمام ڪرڻ ، رياست جا حق ادا ڪرڻ ، رياست عوام جا حق ادا ڪري ،ٻين جي خدمت ڪرڻ ۽ پنهنجو حق ڇڏڻ لاءِ تيار رهڻ ، محنت ۽ جدوجهد ڪرڻ ، قوم کي اسڪل فل ۽ هنر مند بڻائڻ ، ذاتي ۽ قومي سطح تي پاڻ ڀرائپ وارو نظام اختيار ڪرڻ ته جئين اسان ٻين جا محتاج نه رهون.هن ميڊيا پرسنز کي اهو به چيو ته اسان کي بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ۾ملڪي مفادن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. رياستي ادارا جيڪڏهن نه بچندا ته ملڪ خطري ۾ پئجي ويندو.
الغزالي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ذيشان احمد پنهنجي وفد سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته الغزالي يونيورسٽي ديني ۽ عصري تعليم جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪندي .عالمن جي علم کي مين اسٽريم ڪندي . هن ٻڌايو ته الغزالي يونيورسٽي ۾ بي ايس اسلامڪ اسٽڊيز، بي ايس ايجوڪيشن، بي ايس اسلامڪ فنانس شروع ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ايم ايس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ حديث ۽ ڪليه الشريعه جا ڪلاسز جاري آهن . ايم ايس اسلامڪ بينڪنگ اينڊ فنانس ۽ ويڪ اينڊ ايم ايس اسلامڪ اسٽڊيز برائي علماءِ ڪرام به جاري آهن ، جن ۾ سوين شاگرد انرول ٿي چڪا آهن . ان سان گڏ الغزالي يونيورسٽي جو سٽي ڪيمپس به ايڪٽو ٿي چڪو آهي.جي يو ٽيڪ جي نالي سان ڪورنگي ۾ قائم ان ڪيمپس ۾ بي بي اي، بي ايس ڪمپيوٽر سائنس، ايم ايس اسلامڪ بينڪنگ اينڊ فنانس برائي پروفيشنلز شروع ٿي چڪا آهن. جنرل سيڪريٽري مجمع العلوم الاسلاميه مفتي محمد به ميڊيا سان ڳالهايو . مجمع العلوم الاسلاميه جي ترجماني ڪندي مولانا عثمان يوسف تفصيلي پريزنٽيشن به پيش ڪئي .
صحافين جي ان وفد ۾ پاڪستان جي ناليواري ٽي وي چينلز، اخبارن ۽ ويب چينلز جي نمائندن شرڪت ڪئي .
تقريب جي پڄاڻي تي صحافين سوال به پڇيا .وائيس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون پاران ڪيل سوالن کي انتظاميا پاران ساراهيو ويو ۽ سندس ڪردار جي واکاڻ به ڪئي وئي .