ڪراچي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽسمين فخر زمان چيمپيئنز ٽي 20 ڪپ ۾ پنهنجي فارم ۽ فٽنيس جو ثبوت ڏيندو.ذريعن موجب فخر زمان ڪجهه طبي پيچيدگين ۾ مبتلا هو پر هاڻي هو اڳ کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ فخر زمان جو نالو شامل نه ڪيو ويو هو.واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم 10 ڊسمبر کان 7 جنوري تائين دوري ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ کيڏندي.