اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. ملڪ ۾ معيشت بهتري طرف گامزن آهي، هاڻ معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي.
وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي هاڻ اسان کي معاشي استحڪام جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، هاڻ اسان معاشي استحڪام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي 70 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي ۽ معيشت ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار آهي. جڏهن ته حڪومت نجي شعبي کي پاليسي گائيڊ لائين ڏيندي.
محمد اورنگزيب چيو ته هائوسنگ جي شعبي جو معيشت ۾ نمايان ڪردار آهي، اسان آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. ملڪ ۾ معاشي اصلاحات جو عمل جاري رکنداسين.