اسلام آباد: وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ لاشن تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، ملڪ ۾ انتشار ۽ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت ترقي جي رستي آهي، پاڪستان ۾ 7 مهينن جي دوران ڪيترن ئي پرڏيهي وفدن دورو ڪيو آهي. پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي پاڪستان جي لاءِ سٺي خبر آهي جڏهن ته ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ مٽاسٽا 11 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪي آهي.
تحريڪ انصاف جي احتجاج ۽ بعد جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا لاشن جي سياست ڪرڻ چاهين ٿا. پي ٽي آءِ وارا لاشن بابت پراڻيون وڊيوز، تصويرون سوشل ميڊيا تي هلائي رهيا آهن. رياست فيصلو ڪيو آهي ته انتشار ۽ تشدد جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي.
عطاءُالله تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي طرفان ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ وارا سيڪيورٽي اهلڪارن جي فائرنگ جو ڪوڙو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن اهي ماڻهو غزه تي اسرائيلي ظلمن جا فوٽيج هلائي رهيا آهن، لاشن جون جعلي تصويرون هلايون پيون وڃن.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا گاڏيون ۽ جتيون ڇڏي ڀڄي ويا آهن. هنن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ الزامن سان اهلڪارن جي فائرنگ جو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيا. مظاهرين تي نه فائرنگ ٿي نه ئي وري ڪٿي رت جا نشان هئا. پي ٽي آءِ ۾ پاڻ اقتدار جي جنگ هلي رهي آهي.
عطاءُالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج ۾ شريڪ شرپسندن جو اسپيڊي ٽرائل هوندو ۽ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون به ڏنيون وينديون. ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي. فورسز تي حملن ۾ ماڻهن جي نشاندهي ڪنداسين ته جيئن آئنده ڪوبه ماڻهو احتجاج جي لاءِ نڪري ته انهي کي خبر پوي ته فورسز تي حملي جا ڪهڙا نتيجا هوندا آهن.
وفاقي وزير ڪي پي ڪي جي وڏي وزير گنڊاپور جي پريس ڪانفرنس جي حوالي سان چيو ته مان انهي جي باري ۾ ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهيان. 1هو 2 ڀيرا احتجاج مان فرار ٿيو، اهو ڊڄڻو ماڻهو آهي. انهي کي پنهنجي صوبي ۾ امن امان جي ڪابه پرواهه نه آهي.