عمران خان 7 ڪيسن ۾ گرفتار، جوڊيشل ريمانڊ تي جيل پوليس حوالي

راولپنڊي: نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل 7  ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو جوڊيشل ريمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.

اي ٽي سي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ جسماني ريمانڊ جي استدعا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جتي عمران خان کي نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت 28 سيپٽمبر ۽ 5 آڪٽوبر جي احتجاج تي داخل ڪيسن ۾ عمران خان جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهريو ويو، سمورن جاچ آفيسرن گرفتاري ظاهر ڪري 7 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي درخواست عدالت ۾ پيش ڪئي. جوڊيشل ٿيندي عمران خان جيل پوليس جي حراست ۾ اچي ويو، پي ٽي آءِ باني جي سيل مان نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس نفري ڪجهه دير ۾ هٽائي ويندي.

اڳوڻي وزيراعظم جي سيل 4 کي نيو ٽائون  ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو. جوڊيشل ريمانڊ تي وڃڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ باني جو سيل اڊيالا جيل جو حصو هوندو.

جڏهن ته عمران خان جي 28 سيپٽمبر، 4 آڪٽوبر ۽ 5 آڪٽوبر جي 7 ڪيسز ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته 24 نومبر احتجاج جي 20 ڪيسز ۾ اڃان تائين گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي. عمران خان جي خلاف نيو ٽائون ٿاڻي، سول لائين ٿاڻي، سٽي ٿاڻي، وارث خان ٿاڻي، نصير آباد ٿاڻي، ٽيڪسلا ٿاڻي، صادق آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پراسيڪيوٽر چيو هو ته نيو ٽائون ٿاڻي جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين کان جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ان ڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ نه ورتو ويندو. عمران خان جي نيو ٽائون ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ جي لاءِ درخواست به داخل ڪئي وئي، جاچ آفيسر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيو ٽائون ڪيس ۾ جاچ مڪمل ٿي وئي، پي ٽي آءِ باني چيئرمين کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔