ديس، پرديس ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ جرڪي پيا

ڪراچي : سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌين پاران ڀرپور نموني ملهايو ويو. ديس پرديس ۾ اجرڪ ٽوپي ۽ ثقافت جا سمورا رنگ جرڪي پيا. مذهبي ڀائيچارو اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشيت جي سلوگن هيٺ سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ راڳ ۽ رقص جون محفلون ساجيون ويون، جن م ٻارڙن، نجوانن توڙي پوڙهن ڀرپور نموني شرڪت ڪئي. ڪوئٽا، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به تقريبون منعقد ڪيون ويون. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ ٽيڪسيلا، ڪامرا، راولپنڊي، کاريان ۽ جهلم سميت آس پاس جي شهرن م رهدڙ سنڌي فيميليز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي خوشيون ملهايون. ممبئي، الهاس نگر، جئي پور، ناگپور ۽ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿيون. دبئي، سعودي عرب، جاپان، جرمني، فرانس، برطانيا، چين۽ آمريڪا سميت دنيا مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين پاران تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪراچي “ آمريڪي، جرمني، جاپان، فرانس، يو اي اي ۽ بين ملڪن جي سفارتڪارن اجرڪ اوڍي ۽ سنڌي ٽوپي پائي سنڌي ۾ پيغام رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيا ۽ سنڌ واسين کي ثقافتي ڏينهن تي مباڪباد پيش ڪئي. ثقافتي عيد جي آجيان لاءِ لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ ۽ ڀرياروڊ سميت مختلف شهرن ۾ مشعل بردار ريليون، ميرپورخاص پريس ڪلب تي ميڻ بتيون ٻاري ثقافت کي ڀيٽا پيش، ڪوٽڙيءَ ۾ ڏيئا ٻاري تقريبن جي شروعات، ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٿيندي، ناليوارا گلوڪار سرن جي ورکا ڪندا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ به ثقافتي تقريبون ٿينديون.بدين ۾ نيشنل اسڪول ۽ ڪاليج جي عمارت تي 60 فوٽ سنڌ جي نقشي وارو جهنڊو ڦڙڪائي ثقافتي ڏهاڙي جي شروعات، شاگردن سنڌ جي نقشي وارو جهنڊو ڦرڪائي مٺائي ورهائي، جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد سنڌ جي ترقي ۽ امن لاءِ دعائون گهريون ويون.سنڌ، ثقافتي ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي وئي، گڊو ۾ ثقافتي تقريبن جي شروعات، نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص، ڪشمور، مٺي، جهنڊو مري، ميروخان، وارهه، پريالي ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ۽ ريليون.پرڏيهي سفارتڪار به سنڌي ثقافت جي خوبصورت مالها ۾ پوئجي ويا، ملير جي علائقي قائد آباد جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل ڊاڪٽر ڪمال سانگو جي شرڪت، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ثقافت کي ڀيٽا، فنڪار زاهد شيخ ۽ ٻين طرفان سرن جي ورکا، ڪراچي ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني جي ڪائونسل جنرل اسڪاٽ اربم ۽ ٻئي عملي پاران سنڌ واسين کي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون پيش، سندن چوڻ آهي ته سنڌ جي شاهوڪار ثقافت توڙي روايتن کي مانُ ڏيڻ جي گهڙي اچي وئي آهي، سنڌ اُها ڌرتي آهي، جنهن جي صوفين، شاعرن ۽ سنتن هر قوم توڙي نسل کي اُتساهه ڏنو آهي.ثقافتي ڏهاڙي جي خوشيءَ ۾ گلن جهڙا ٻارڙا به ثقافتي رنگن ۾ رڱيل، ثقافتي اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سعودي عرب جي شهر دمام ۾ ثقافتي تقريب، سنڌ کان آيل فنڪارن پاران سرن جي ورکا، شرڪت ڪندڙن جون جهمريون لڳايون،سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي ڀائيچارو اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه جي اسان جي معيشت جي عنوان سان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاران هزارين سال پراڻي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.ڀريا روڊ ۾ ثقافتي عيد جي موقعي تي شهرين پاران عبدالڪريم ڪاڪڙ، سيد جواد حسين شاهه، عزيز احمد چوهاڻ، ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ شريڪ شهرين پاران اجرڪ، ٽوپيون اوڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.مورو ۾ صحافين، شهرين، سياسي سماجي شخصيتن طرفان ريلي ڪڍي مورو_دادو پل تي پهچي سنڌو درياهه ۾ گلن جي ورکا ڪري سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪئي.ريلي ۾ شريڪ شهرين سنڌ ۽ سنڌو سان محبت جو اظهار ڪندي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.نوري آباد ۾ سنڌي ميڊيا جي سڏ تي شهر جي مختلف علائقن مان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، جنهن ۾ شريڪ ننڍن وڏن سنڌي ٽوپي، پٽڪو ۽ اجرڪ اوڍي سنڌ سان محبت جو اظھار ڪيو .دادا ڀائي، ڪلوکوھر ۽ نوري آباد جي مختلف اسڪولن مان ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي ھڪ نمبر مين چوڪ تان ٿي انڊسٽريز زون ڏانھن وينديون.ڪوٽڏيجي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تاريخي ماڳ تي مختلف شهرن ۽ علائقن کان ريلين جي صورت ۾ پهچي رهيا آهن.اڏيرو لال جي مختلف علائقن مان ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون، جن ۾ اڏيرو لال اسٽيشن، طاهر هڱورو، نوبت مري، بائو خان پٺاڻ، شير محمد ٺوڙها سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ علائقن مان نوجوان ۽ ٻارڙا ثقافتي ويس پائي ثقافتي عيد ملهائي رهيا آهن.ڄام صاحب ۾ تقريب پريس ڪلب آڏو ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن سنڌي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو.تقريب ۾ شهرين سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پهريا، جڏهن ته گلن جهڙن ٻارڙن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.سجاول جوڻيجو ۾ به شهرين محمد صالح ڀٽو، نيڪ محمد ساريو، حاجن لانگاهه، علي خان ڀٽي، رياض ڀٽو، اميد بوزدار ۽ ٻين طرفان شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي.ريلي ۾ ٻارڙن پڻ ثقافتي ويس پهري شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن سنڌو درياهه مٿان ڌاڙو نامنظور، نوان ڪئنال نا منظور جا نعرا هنيا ۽ سنڌي گيتن تي رقص ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔