آئيني بينچ پي آءِ اي جي نجڪاري روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي آءِ اي جي نجڪاري روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو ۽ پي آءِ اي نجڪاري ڪيس اڪلائي ڇڏيو.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ پي آءِ اي نجڪاري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پي آءِ اي انتظاميه کي نوان پروفيشنل ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، حڪومت پاران پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شروع ڪيو ويو،نجڪاري جي عمل سبب پي آءِ اي ۾ نيون ڀرتيون نه ٿيون، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪميشن پي آءِ اي جي نجڪاري واري عمل کي ٻيهر ڪرڻ وڃي رهي آهي، پي آءِ اي جي فلائيٽ آپريشن تان پابندي به هٽائي وئي آهي.جسٽس امين الدين چيو ته ري پرائيويٽائيزيشن جي عمل ۾ هاڻي قيمتون وڌيڪ ٿي سگهن ٿيون.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ڪري حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ٿي رهي آهي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته نجڪاري جو ڪم عدالت کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نجڪاري تي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالت پنهنجو اعتماد ڏئي ٿي، پي آءِ اي کي سٺي طريقي سان نجڪاري ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔