اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف 14 ڪيس داخل

اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي احتجاج کانپوءِ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف وڌيڪ 14 ڪيس داخل ڪيا ويا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ لاءِ درخواست اڪلائي ڇڏي.اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي باني خلاف داخل ڪيسن جو انگ وڌي 76 ٿي ويو آهي.اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪيسن جي نئين رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.ان کان اڳ پوليس رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جي باني خلاف اسلام آباد ۾ 62 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ نورين نيازي ڪيس جا تفصيل طلب ڪري ورتا.نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪيسن جون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيسن جي رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.گهرو سيڪريٽري صوبن ۾ داخل ڪيسن جي رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي.عدالت ڪيس جا تفصيل پيش ڪرڻ بعد نورين نيازي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔