براؤزنگ عالمي خبرون
عالمي خبرون
بشارالاسد حڪومت جو خاتمو: شام جي نئين صورتحال تي عالمي اڳواڻن جو رد عمل سامهون اچي ويو
دمشق: شام ۾ باغين جي گادي واري شهر تي قبضي کان پوءِ الاسد خاندان جو پنجاهه کان وڌيڪ سالن تائين جاري رهندڙ اقتدار جو دور ختم ٿي ويو، دمشق تي باغين قبضو ڪري سرڪاري ٽي وي، ريڊيو ۽ دفاع واري وزارت جي عمارت جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.
باغين جي!-->!-->!-->…
روسي حملو، 9 يوڪرينين مارجي ويا، 7 زخمي
روس : روس يوڪرين جي علائقي زاپوريزيا ۾ حملو ڪيو آهي، حملي ۾ 9 يوڪريني مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا.حملي سبب ڪيترين ئي عمارتن ۽ گاڏين کي باهه لڳي وئي.زياپوريزا علائقي جي فوجي ايڊمنسٽريٽر چيو آهي ته متاثر علائقي ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.روسي!-->…
فرانس جي نئين وزيراعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو
پيرس : فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون چيو آهي ته فرانس جي نئين وزيراعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو.صدر ميڪرون هڪ بيان ۾ چيو ته هو استعيفيٰ نه ڏيندو، هو 2027 تائين صدر رهندو.
بي اعتمادي رٿ ڪامياب، فرانسيسي وزيراعظم عهدي تان فارغ
پيرس : فرانسيسي وزيراعظم مائيڪل بارنيئر خلاف بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪئي وئي.577 رڪني پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي جي 288 ووٽن جي ضرورت هئي، جڏهن ته کاٻي ۽ ساڄي ڌر گڏجي بي اعتمادي لاءِ 331 ووٽ ڪاسٽ ڪيا.وزير اعظم بارنيئر بجيٽ کي اسپيشل اٿارٽي تحت!-->…
سخت عوامي ۽ پارليماني رد عمل بعد مارشل لا جو حڪم واپس
سيول: ڏکڻ ڪوريا مارشل لا لاڳو ڪرڻ واري صدارتي حڪم کي پارليمان مان رد ڪرڻ ۽ سخت عوامي رد عمل بعد چند ڪلاڪن اندر صدر پنهنجو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن اپوزيشن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر لي جائي ميونگ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي اعلان بعد!-->…
بائيڊن مختلف ڏوهن ۾ ملوث پنهنجي پٽ کي معاف ڏئي ڇڏي
واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن کي ڪيترن ئي ڏوهن جي معافي ڏئي ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪالهه وائيٽ هائوس هڪ بيان جاري ڪري ان معافي جي تصديق ڪئي.جاري ڪيل بيان موجب صدر جو بائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي معافي واري!-->…
غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، وڌيڪ 42 فلسطيني شهيد، 133 زخمي
غزه: غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، جمعي جي صبح کان جاري ڪارروائي ۾ وڌيڪ 42 فلسطيني شهيد ۽ 133 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيل جي نصيرات پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ تازي حملي ۾ 24 فلسطيني فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪمال عدوان!-->!-->!-->…
يوڪرين کي جوهري هٿيار مليا ته پوري فوج استعمال ڪندس،پيوٽن
ڪيف: روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين کي ايٽمي هٿيار ڏنا ويا ته هو سمورا فوجي وسيلا استعمال ڪندو،پنهنجي هڪ بيان ۾ روسي صدر چيو آهي ته هو يوڪرين جي هر قدم جي نگراني ڪندا، روس هر جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي،هن چيو ته!-->…
آسٽريليا ۾ ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي وارو بل منظور
ڪينبرا : آسٽريليا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي سوشل ميڊيا تي پابندي جو بل ايوان نمائندگان ۾ منظور ڪيو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب ايوان نمائندگان مان منظوري کانپوءِ بل کي حتمي منظوري لاءِ هلندڙ هفتي سينيٽ ۾ موڪليو ويندو جنهن!-->…
آمريڪي صدر پاران اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان
واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.لبنان ۾ جنگبندي تي عمل اڄ پاڪستاني وقت موجب صبح 7 وڳي کان ٿيندو.آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حزب الله جنگ بندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي.صدر بائڊن!-->…