واشنگٽن : آمريڪا هندستان ۽ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته پهلگام حملي کانپوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وچ ۾ صورتحال کي وڌيڪ خراب نه ڪن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽمي بروس هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪشمير جي صورتحال تي پاڪستان ۽ هندستان ٻنهي سان رابطو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي چيو پيو وڃي ته اهي ڇڪتاڻ نه وڌائين. هڪ سوال جي جواب ۾ ٽامي بروس چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اڄ يا سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهيون ڪندو. هو ٻين قومي اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن کي به هن مسئلي تي پاڪستان ۽ هندستان سان رابطو ڪرڻ جي ترغيب ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هن مسئلي تي روزاني بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن. وزير پاڪستان ۽ هندستان ۾ پنهنجن هم منصبن سان سڌو سنئون ڳالهائي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته ان جو يقيني طور تي ساڳيو اثر پوندو جيئن وزير ٻين ماڻهن سان ڳالهائيندا آهن.