اسلام آباد: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد (ٽيرر فنانسنگ) ۾ ملوث آهي، ڀارتي دهشتگرد عبدالمجيد کي جهلم بس اسٽينڊ تان گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي موبائل فون جي فرانزڪ دوران ڀارتي فوجي آفيسرن جي واٽس ايپ چيٽس ۽ وائس ميسيجز هٿ آيا آهن.
اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي، ڪجهه واٽس ايپ چيٽس هٿ لڳيون آهن، جن مان ڀارتي آرمي جي چار دهشتگرد آفيسرن جي سڃاڻپ ٿي آهي، جيڪي پاڪستان ۾ ٽيرر فنانسنگ ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته 25 اپريل تي ڀارتي دهشتگرد عبدالمجيد کي جهلم بس اسٽينڊ تان گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان ٻه موبائل فون هٿ آيا، ان سان گڏ جهلم بس اسٽينڊ تان اڍائي ڪلوگرام جو بم هٿ آيو.،ان دهشتگرد جي گرفتاري سان ڀارتي فوجي هينڊلرز به سامهون آيا آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائيندڙ ڀارتي هينڊلرز جي واٽس ايپ فرانزڪ جاري آهي.
ان موقعي تي هن واٽس ايپ جا پڪڙيڪ وائس ميسيجز به ٻڌايا، جن ۾ دهشتگرد مالي مدد بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ بيگناهه شهرين جي قتل جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.
هن اسڪرين تي چئن ڀارتي دهشتگردن جي سڃاڻپ ڏيکاري، جن مان هڪ موجوده سروس ميجر سنديپ ورما آهي، جنهن جي سڃاڻپ ”سمير“ جي نالي سان ٿي آهي ۽ هو غير قانوني طور تي والاريل ڪشمير ۾ مقرر آهي، ٻيو صوبيدار سُکوندر آهي، ٽيون حوالدار امت آهي، جڏهن ته چوٿون به هڪ آرمي آفيسر آهي، جيڪو ڀارتي فوجي وردي ۾ نظر اچي رهيو هو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن جو هينڊلر سُکوندر آهي، جيڪو ڀارتي فوج ۾ صوبيدار آهي، انهن وائس ميسيجز مان هڪ ۾ هڪ ڀارتي آفيسر پاڻ چئي رهيو آهي ته ”اسان لاهور تائين ڪم ڪري رهيا آهيون“ اها ڳالهه ”را“ نه پر ڀارتي آرمي چئي رهي آهي، هي ٽيرر فنانسنگ جو هڪ مثال آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا آهن.
هن چيو ته ڀارتي دهشتگرد عبدالمجيد کي جهلم ۾ ڌماڪي لاءِ ڇهه لک رپيا ڏنا ويا، عبدالمجيد جي گهر مان هڪ ڊرون ۽ ڏهه لک رپيا هٿ آيا، ان کي گرفتار ڪري ان جي موبائل فون جي فرانزڪ ڪئي وئي، جيڪا اڃا جاري آهي، ان مان واٽس ايپ جون ڪيتريون ئي چيٽس هٿ آيون، جن مان ثابت ٿيو ته هو ڀارتي هينڊلرز سان رابطي ۾ هو، عبدالمجيد ملڪ اندر دهشتگردي جون چار وارداتون ڪيون ۽ ان جي عيوض رقم حاصل ڪئي، ڪوٽلي واري ڪارروائي لاءِ کيس 60 هزار رپيا ڏنا ويا.
سندس چوڻ هو ته پهلگام واقعي کي اڄ ست ڏينهن ٿي ويا آهن پر ڀارت رڳو بيان بازي ڪري رهيو آهي ۽ اڄ تائين ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي، جڏهن ته اسان وٽ ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن.