زيارت : بلوچستان صوبي جي زيارت ضلعي جي علائقي چوتير مان 7 ماڻهن جا لاش مليا آهن ۽ انهن کي ضلعي اسپتال زيارت منتقل ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميا موجب، لاش ملڻ کان پوءِ مقامي ماڻهن جي احتجاج سبب زيارت-چتور هاءِ وي بند ڪئي وئي آهي.زيارت جي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته انتظاميا هاءِ وي تي ٽريفڪ بحال ڪرڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهائي رهي آهي.