واشنگٽن: اورنگزيب جي اماراتي وزير سان ملاقات

واشنگٽن: واشنگٽن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب گڏيل عرب امارات جي مالي معاملن جي وزير مملڪت سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي، ناڻي واري وزير پنهنجي يو اي اي هم منصب کي پاڪستان جي معاشي اشارن، فِچ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ حڪومت جي نجڪاري جي ايجنڊا بابت آگاهه ڪيو.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان هڪ نئين معاهدي تي اسٽاف ليول تي پهچي چڪو آهي، اهو معاهدو پهرين جائزي ۽ آر ايس ايف تحت ايڪسٽينڊ فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت ڪيو پيو وڃي.ناڻي واري وفاقي وزير يو اي اي جي سيڙپڪارن جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ ايم او يوز کي عملي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.محمد اورنگزيب ڪرپٽو ڪرنسي ريگيوليشن ۾ يو اي اي جي تجربي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ يو اي اي جي ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔