بيجنگ: چين پاڪستان جي حمايت ۾ وڏو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت خلاف چين پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندو.چيني صدر جي اڳوڻي مددگار ڊاڪٽر وڪٽر گائو چيو آهي ته چين پاڪستان جي خودمختاري ۽ سالميت جي دفاع لاءِ هر سطح تي پرعزم آهي، ڪنهن به جارحيت کي روڪڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. پهلگام حملي تي مڪمل ۽ اڻڌري جاچ ضروري آهي.سينٽرفارچائنا اينڊ گلوبلائزيشن جي نائب صدر ڊاڪٽر وڪٽر گائو پاڪستاني موقف جي حمايت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا پهلگام فالز فليگ آپريشن تي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.