براؤزنگ عالمي خبرون

عالمي خبرون

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف پابندين جو جائزو وٺڻ لاءِ عالمي اڳواڻن جي سربراهي جي اجلاس جي تجويز…

واشنگٽن؛ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ، روسي صدر ولاديمير پوتن طرفان ايران خلاف پابندين جو جائزو وٺڻ لاءِ عالمي اڳواڻن جي سربراهي جي اجلاس جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. نيو جرسي ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو ايندڙ هفتي گڏيل قومن ۾ ايران تي

ڀارت ۾ آزاد سک رياست خالصتان لاءِ تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز

نئين دهلي: ڀارت ۾ آزاد سک رياست خالصتان لاءِ تحريڪ هڪ ڀيرو ٻيهر زور پڪري ورتو آهي. ڀارتي پنجاب جي موگا ضلعي ۾ يوم آزادي جو ڏينهن والاريل ڪشمير جيان ڪاري ڏهاڙي طور ملهايو ويو. پنجاب جي موگا ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس تان ڀارتي جهنڊو لاهي

گڏيل عرب امارتن پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي ترڪي ۽ ايران جِي مذمت

تهران : گڏيل عرب امارتن پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي ترڪي ۽ ايران پاران مذمت ڪئي وئي آهي، ترڪي يو اَي اِي سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو به اشارو ڏيندي چيو آهي ته يو اَي اِي محدود مفادن خاطر فلسطين ڪاز سان غدارِي ڪئي آهي، ترڪ صدر طيب

ڪورونا وبا سڄي دنيا ۾ 7 لک 59 هزار حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون

نيويارڪ : ڪورونا وبا سڄي دنيا ۾ 7 لک 59 هزار حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، امريڪا ۾ هڪ لک 70 هزار ماڻهن حياتيون وڃايون، برازيل ۾ هڪ لک 5 هزار فوتگيون رپورٽ، سڄي دنيا ۾ 2 ڪروڙ 11 لک مريضن مان هڪ ڪروڙ 39 لک مريض صحتياب ٿي ويا، فرانس مان برطانيه

ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي ڪشمير ۾ ڪاروڏينهن، هڙتال

مظفرآباد : ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي ڪشميري ڀائر اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڀارت جي اڄ آزادي جو ڏهاڙو آهي پر والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني طور قيد ڪيل ڪشميرين پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو

فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي معاهدي کي فلسطيني مقصد کان انحراف قرار ڏئي رد ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ فلسطيني صدر معاهدي کي فلسطيني عوام جي خلاف جارحيت قرار ڏنو ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ تي زور ڏنو. ان دوران

افغانستان وڌيڪ هڪ سو طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪابل؛ افغان حڪومت سڌي طرح ڳالهين جي ڪوشش ۽ ملڪ ۾ ڊگهي جنگ بندي لاءِ 400 طالبانن جي آخري گروپ مان اسي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه قومي سلامتي ڪائونسل لاءِ افغان سرڪار جي ترجمان جاويد فيصل طرفان ٻڌائي وئي. تنهن هوندي ، هن اهو نه

لبنان جي پارليامينٽ ملڪ ۾ هنگامي حالتن ۽ فوج جي اختيارن ۾ وسيع واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

بيروت؛ لبنان جي پارليامينٽ ملڪ ۾ هنگامي حالتن ۽ فوج جي اختيارن ۾ وسيع واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اختيارن بعد فوج تقرير، تحرير ۽ سڪيورٽي بابت ڪنهن به شهادت جي بنياد تي ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪري سگهندي ۽ انهن جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندو.

والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو

سرينگر:والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو. والاريل ڪشمير جي بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن پاڪستاني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪن جو پيغام ڏنو. سيد علي گيلاني چيو آهي دعا آهي ته اسلام

گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ تاريخي امن معاهدو

دبئي؛ گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل وچ ۾ گڏيل لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ امن معاهدو طئي ٿي ويو. معاهدي تحت اسرائيل وڌيڪ فلسطيني علائقا ضم نه ڪندو، ٻه طرفن لاڳاپن لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي روڊ ميپ ٺاهيندا. معاهدي موجب آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتون، اسرائيل سان