ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي ڪشمير ۾ ڪاروڏينهن، هڙتال

مظفرآباد : ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي ڪشميري ڀائر اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڀارت جي اڄ آزادي جو ڏهاڙو آهي پر والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني طور قيد ڪيل ڪشميرين پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. حريت اڳواڻن جي سڏ تي اڄ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڀارت خلاف احتجاج ڪندا. ٻئي طرف ڀارت وائڙائپ جو شڪار ڀارتي سرڪار والاريل واديءَ ۾ پابنديون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔