تاريخ ثابت ڪيو ته جناح درست هو: آزادي جي ڏهاڙي تي وائيس آف سنڌ جو سيمينار

ڪراچي: تاريخ ثابت ڪري ڇڏيو ته محمد علي جناح درست هو ،  جيڪڏهن قائداعظم نه هجي ها ته اڄ اسان جو اهوئي حال هجي ها جيڪو ڀارتي مسلمانن جو آهي.جناح موجب سرڪاري ملازم عوام جا حاڪم ناهن ، خادم هئا ، پاڪستان جي قرارداد کي وقت درست ثابت ڪيو ، اهڙن خيالن جو اظهار وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ ڪوٺايل سيمينار ”جناح تون درست هئين“ ۾ شرڪت ڪندڙن ڪيو .

تفصيل موجب آزادي جي ڏهاڙي تي اقرا يونيورسٽي اي ڊي سي بلڊنگ جي آڊيٽوريم ۾ ”جناح تون درست هُئين “ جي عنوان سان سيمينار ڪرايو ويو ، جنهن ۾ ملڪ جي ناليواري سياستدانن ،دانشورن، ڪاروباري ماڻهن ۽ دفاعي تجزي ڪارن شرڪت ڪئي .

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي ايونٽ جو خاص مهمان هو .سيمينار کي اڳوڻي سفير ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون ، سڪيورٽي معاملن جي ماهر بريگيڊئر رٽائرڊ حارث نواز ، ناليواري سياستدان ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر طارق حسن ، ناليواري تعليم دان ۽ سياستدان حنيد لاکاڻي ، سي پي ايل سي جي اڳوڻي سربراهه احمد چنائي ۽ ناليواري بزنس مين راشد صديقي خطاب ڪيو.

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي جو چوڻ هو ته قائد اعظم جي ويجهو سرڪاري کاتي جو ڪم مسئلا حل ڪرڻ هو ،اهو ئي اسان جو وزن آهي .ڪورونا جي خلاف اڃان جنگ جاري آهي ، مرض ختم ناهي ٿيو.

مهمانن جو چوڻ هو ته جناح ڪشمير جي حيثيت کان واقف هو . هن پنهنجي صحت جي پرواهه نه ڪئي . اسان جي وڏڙن قربانيون ڏئي اسان کي وطن ڏنو. اسان کي هڪ قوم طور پاڻ کي مضبوط ڪرڻو پوندو .ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪري عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته جناح ڪهڙو پاڪستان چاهيندو هو.

ايونٽ ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، سيمينار ۾ آزادي جي حوالي سان ڊاڪٽر عمير هارون جي خاص پيشڪش ڊرامو ”جناح تون درست هُئين“ پيش ڪيو ويو ، جنهن کي محفل ۾ موجود ماڻهن پاران ساراهيو ويو .پروگرام جي ميزباني ناليواري صحافي رانا محمد آصف ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔