افغانستان وڌيڪ هڪ سو طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪابل؛ افغان حڪومت سڌي طرح ڳالهين جي ڪوشش ۽ ملڪ ۾ ڊگهي جنگ بندي لاءِ 400 طالبانن جي آخري گروپ مان اسي ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
اها ڳالهه قومي سلامتي ڪائونسل لاءِ افغان سرڪار جي ترجمان جاويد فيصل طرفان ٻڌائي وئي.
تنهن هوندي ، هن اهو نه چيو ته جڏهن باقي 320 طالبان قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
ان کان اڳ صدر اشرف غني قيدين جي آخري گروهه جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔