فيس بڪ لائيٽ بند ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ:گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيترن ئي ڊولپرز طرفان پنهنجي پنهنجي ايپز جا ”لائٽ“ ورزن متعارف ڪرايا ويا آهن ته جيئن صارفين ان ايپ کي گهٽ اسپيڊ واري انٽرنيٽ باوجود به استعمال ڪري سگهن.
پر هاڻ تازو ئي سماجي رابطن واري مشهور ايپ فيس بڪ پنهنجي ايپ”فيس بڪ لائٽ“ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
فيس بڪ برازيل ۾ صارفين کي فيس بڪ لائٽ بند ڪرڻ جي حوالي سان پيغام موڪلڻ شروع ڪيا آهن ۽ هاڻ فيس بڪ پوري دنيا ۾ پنهنجي لائٽ ورزن بند ڪري رهيو آهي.
سموري دنيا ۾ فيس بڪ لائٽ استعمال ڪندڙ صارفين هاڻ فيس بڪ ايپ جي ئي ذريعي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔