فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو

فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيل سان گڏيل عرب امارات جي معاهدي کي فلسطيني مقصد کان انحراف قرار ڏئي رد ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ فلسطيني صدر معاهدي کي فلسطيني عوام جي خلاف جارحيت قرار ڏنو ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ تي زور ڏنو.
ان دوران اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نتنياهو چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سان معاهدي باوجود ويسٽ بينڪ کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ جي منصوبي ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي.
معاهدي تحت اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ تي متفق ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔