گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل ۾ تاريخي امن معاهدو

دبئي؛ گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل وچ ۾ گڏيل لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ امن معاهدو طئي ٿي ويو.
معاهدي تحت اسرائيل وڌيڪ فلسطيني علائقا ضم نه ڪندو، ٻه طرفن لاڳاپن لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي روڊ ميپ ٺاهيندا.
معاهدي موجب آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتون، اسرائيل سان ٻين مسلم ملڪن سان به لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون، اسرائيل سان امن ڪندڙ ملڪن جا مسلمان والاريل بيت المقدس اچي مسجد اقصيٰ ۾ نماز پڙهي سگهندا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي پوسٽ ۾ چيو ته اڄ اسان جي ٻن عظيم دوستن اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو آهي.
هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ٽرمپ آمريڪا، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل طرفان جاري ڪيل گڏيل بيان پڻ پوسٽ ڪيو.
گڏيل بيان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ابوظهبي جي ولي عهد ۽ يو اي اي جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شهزادي محمد بن زايد النهيان اميد ظاهر ڪئي ته اها تاريخي اڳڀرائي وچ اوڀر ۾ امن کي اڳتي وڌائيندي.
برطانوي ميڊيا موجب معاهدي تحت اسرائيل والاريل اولهه ڪناري جي وڏن حصن کي ضم ڪرڻ جي پنهنجي منصوبن کي معطل ڪندو.
واضح رهي ته هيل تائين اسرائيل جا ڪنهن به نار عرب ملڪ سان سفارتي لاڳاپا ناهن پر ايران جي علائقائي اثر سبب گڏيل خدشن جي ڪري ڌرين ۾ غير سرڪاري رابطا ٿيندا رهندا آهن.
اماراتي خبر ايجنسي موجب معاهدي تحت يو اي اي ۽ اسرائيل وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، جڏهن ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳ ئي سهڪار ڪري رهيا آهن.
آمريڪا ۾ گڏيل عرب امارتن جي سفير هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اها اڳڀرائي سفارتڪاري ۽ خطي لاءِ هڪ فتح آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔