سائوٿمپٽن ٽيسٽ: 126 رنسن تي اڌ پاڪستاني ٽيم آئوٽ

سائوٿمپٽن : پاڪستان سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي برسات متاثر پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين 5 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهي ورتيون.
سائوٿمپٽن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته 6 جي مجموعي اسڪور تي شان مسعود جيمز اينڊرسن جو شڪار بڻجي ويو.
عابد علي ۽ ڪپتان اظهر علي ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو پر 78 جي مجموعي اسڪور تي 20 رنسون ٺاهيندڙ اظهر علي کي سيم ڪيوران پويلين موٽائي ڇڏيو.
پاڪستان جو اسڪور 102 تي پهتو ته 60 رنسون ٺاهيندڙ عابد علي به آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته اسد شفيق 5 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.
11 ورهين کانپوءِ ٽيسٽ فارميٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فواد عالم کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، ائين 120 جي مجموعي اسڪور تي پاڪستان جي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي.
ميچ دوران وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو ۽ قومي ٽيم جو اسڪور 126 تي پهتو ته ٻيهر برسات شروع ٿي وئي، جيڪا آخر تائين بند ٿي ۽ امپائرن پهرين ڏينهن جي راند جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان طرفان بابر اعظم 25 ۽ محمد رضوان 5 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
انگلينڊ طرفان جيمز اينڊرسن 2، جڏهن ته اسٽيورٽ براڊ، سيم ڪيوران ۽ ڪرس ووڪس هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔