چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي به آزادي ملي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان  آزادي جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي پيغام ڏيندي چيوآهي ته اسان چاهيون ٿا ته ڪشميري ڀائرن کي به آزادي ملي ته جيئن ورهاڱي جا مقصد پورا ٿي سگهن .

پاڪستان جي 74 هين جشن آزادي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم عمران خان وطن لاءِ جان جون قربانيون ڏيندڙشهيدن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو .

پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي قائداعظم محمدعلي جناح جي ويزن تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو .

هن چيوته گذريل 70 سالن ۾ اسان کي ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو ، پر اسان جي قوم پاڙيسري ملڪ جي دشمني ۽ دهشتگردي جو بيهي ڪري مقابلو ڪيو ، قدرتي آفتن ۽ بيمارين کي به هن قوم بيهي منهن ڏنو آهي .

هن چيو ته اسان  وطن جي آزادي واري مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيون ، وطن ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي چاهيون ٿا .

هن چيوته اڄ پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي ، ۽ چاهيون ٿا ته انهن کي به آزادي ملي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔