گڏيل عرب امارتن پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي ترڪي ۽ ايران جِي مذمت

تهران : گڏيل عرب امارتن پاران اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ تي ترڪي ۽ ايران پاران مذمت ڪئي وئي آهي، ترڪي يو اَي اِي سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو به اشارو ڏيندي چيو آهي ته يو اَي اِي محدود مفادن خاطر فلسطين ڪاز سان غدارِي ڪئي آهي، ترڪ صدر طيب اردگان چيو آهي ته تاريخ يو اَي اِي جَي منافقاڻَي عمل کي ڪڏهن به نه وساريندِي، اسان فلسطين سان گڏ آهيون، ايران معاهدي کي اسٽريٽجڪ چريائپ قرار ڏئي ڇڏيو، ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته معاهدو امريڪا طرفان سجايل ڊرامو آهي، فلسطين احتجاج طور يو اَي اِي مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔