ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 9 مريض فوت، 747 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 9 مريض فوت ٿي ويا،جنهن بعد فوتين جو انگ 6 هزار 162 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جا 747 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 2 لک 88 هزار 47 ٿي ويو. ڪمانڊ سينٽر جي رپورٽ مطابق هيل تائين 2 هزار 65 هزار 624 مريض صحتياب ٿي چڪا ٿي چڪا آهن. اين سي او سي مطابق ڪرونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 16 هزار 261 تائين گهٽجي ويو آهي. اين سي او سي جي پڌرائي موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 25 هزار 632 ،پنجاب ۾ 95 هزار 203 ۽ ڪي پي ۾ 35 هزار 91 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 15 هزار 346 ۽ بلوچستان ۾ 12 هزار 144 ڪيسز ظاهر،آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 179 ۽ گلگت ۾ 2 هزار 452 ڪيسز ظاهر ٿي چڪا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔