ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي

دادو : ميهڙ ۾اڍائي سال اڳ يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي ڪيس جي دادو جھي ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس 2 نوجوان پٽ ضلعي ڪائونسلر قابل چانڊيو ۽ تمندار مختيار چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي فريادي ڌر پاران فريادي پرويز چانڊيو ۽ اُم رباب موجود هئا، جڏهن ته جوابدار ڌر پاران ايم پي ايز سردار خان چانڊيو، برهان چانڊيوپيش ٿيا، ٻن جوابدار سڪندر ۽ علي گوهر چانڊيو کي جيل مان آڻي پيش ڪيو ويوهو. دادو جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ڪيس بنا ڪارروائي جي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس دهشتگردي جاقلم ختم ٿيڻ بعد اي ٽي سي ميرپور ماٿيلو کان دادو جي ٽرائل ڪورٽ منتقل ڪيو ويو هو، جتي اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔